خورشيد شبانه نقوي ڊاڪٽر

خورشيد شبانه نقوي، ڊاڪٽر: مشهور ليکڪا ۽ تعليم دان خورشيد شبانه نقوي، شرافت حسين نقويءَ جي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ 16 اپريل 1952ع ۾ جنم ورتو. ٽنڊي ٺوڙهي مان پرائمري پاس ڪرڻ بعد مئٽرڪ ميمڻ انجمن گرلس اسڪول مان ڪيائين. هن اردو ۽ سوشيالاجيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي. ان کان سواءِ ايل. ايل. بي 1979ع ۾ ڪرڻ بعد 1986ع ۾ ايم. فل ۽ 1996ع ۾ اسلاميات ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين.
1974ع ۾ پهرين پرائمري استاد مقرر ٿي، ان بعد سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ٿي ۽ آڪٽوبر 2009ع ۾ 18 گريڊ ۾ رٽائر ڪيائين. هن پنهنجي تعليمي زندگيءَ دوران ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا. کيس بهترين اُستاد، بهترين رپورٽر، بهترين ليکڪا، بهترين مقرر جي حيثيت ۾ سائنس ٽيچرس ائسوسيئيشن، خالد ميموريل گرلس اسڪول، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ويمن اين. جي. اوز ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پاران اوارڊ ملي چڪا آهن. کيس ايم. اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪرڻ تي گولڊ ميڊل به ملي چڪو آهي.
خورشيد شبانه نقويءَ جا مضمون ۽ مقالا سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. ايران، عراق، شام ۽ اردن جا دورا ڪري چڪي آهي. رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ثنا ۽ ساراهه ۾ سندس خطبن جو هڪ ڪتاب ’خطبات خورشيد ثناء رسول صلي الله عليه وسلم‘ ٽن جلدن ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هن وقت مدرسة الفاطمه حسني لطيف آباد جي پرنسپال ۽ بزم فاطمه حيدرآباد جي چيئرپرسن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو